ابڙو احمد

ابڙو، احمد: مولوي حاجي احمد ابڙو ولد فضل محمد ابڙو ڳوٺ ملا ابڙي لاڙڪاڻي ۾ سن 1864ع ۾ ڄائو، پاڻ سند يافته مولوي ھو ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي سموري حياتي درس ۽ تدريس ۾ گذاريائين. ھن سنڌ جي عالمن ۽ دانشورن سان گڏ تحريڪ آزادي ۽ تحريڪ خلافت ۾ حصو ورتو، ان کان سواءِ مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي تحريڪ ۾ به جوشيلي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 24 مارچ 1932ع تي وفات ڪيائين، مولوي حاجي احمد ابڙي ديني مسئلن بابت ھڪ ڪتاب به لکيو هو. سندس ڪلام مولودن، مداحن، معجزن ۽ مناقبن تي مشتمل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1864.00.00  عيسوي

ابڙو ، احمد: مولوي حاجي احمد ابڙو ولد فضل محمد ابڙو ڳوٺ ملا ابڙي لاڙڪاڻي ۾ سن 1864ع ۾ ڄائو ،


1932.03.24  عيسوي

ابڙو ، احمد: مولوي حاجي احمد ابڙو ولد فضل محمد ابڙو ڳوٺ ملا ابڙو، 24 مارچ 1932ع تي وفات ڪيائين ،



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد شاهه
ابوالحسن صغير
شيخ محمد حيات سنڌي
عبدالحڪيم، مولوي 2
سيد حيدر شاهه1
عبدالعزيز عمراڻي
مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي
مخدوم محمد حسن سيوهاڻي
درس محمد واصل
زخائو ايڊورڊ
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون